اقتدار مليو ته هر شهري جي حقن جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض هوندو

ملتان: (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن اقتدار مليو ته صاحب اقتدار ٿي هر شهري جي حقن جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض هوندو.جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندي چيو ته ملڪ سجاد کي پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار چوان ٿو، منهنجي زندگي جي تعمير ۾ هن علائقي جو اهم ڪردار آهي، مان شوگر جو مريض آهيان پر انب کائڻ لاءِ هتي ئي ايندو آهيان.مولانا فضل الرحمان چيو ته جمعيت علماءِ اسلام جي يوم تاسيس ۾ ڪنهن هڪ ملڪ جي عالم نه پر برصغير جي سمورن مڪتب فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي. اسان سياست ڪئي آهي، ديني ۽ مذهبي روين کي برقرار رکيو آهي، اسان اهڙن روين کي اپنايو جنهن ۾ فرقه واريت جي گنجائش موجود نه هئي.جي يو آءِ جي سربراهه چيو ته اختلافن ۾ نرمي ۽ شدت پيدا ڪرڻ انسان جي پنهنجي اختيار ۾ آهي. اسان کي پنهنجن اختلافن ۾ نرمي کي هٿي ڏيڻ گهرجي، شدت کي نه. عوام سان اسان جو تعلق سماجي هجڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته حق جي ڳالهه بهترين لهجي مان به ٿي سگهي ٿي. الله ماڻهن کي دعوت ڏيڻ جو طريقو سيکاريندو آهي. جمعيت علماءِ اسلام هڪ سياسي طاقت آهي. اسلام جي خلاف ڪوبه فتنو بيهي ٿو ته مقابلو ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو