حيدرآباد (ن س ) افغاني پناهگير منشيات، ھٿيارن جي وڪري ۽ دهشتگردي ۾ ملوث آهن. لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين سنڌ سميت ملڪ جو امن تباهه ڪري ڇڏيو آهي. غير ملڪي منشيات،اسمگلنگ ۽ هٿيارن جو ڪاروبار ڪن ٿا. ڪڻڪ، کنڊ ۽ ڀاڻ جي افغانستان اسمگلنگ ملڪ ۾ معاشي بحران کي وڌايو آهي. عوام کاڌي پيتي جي شين ۾ مهانگائي سبب پريشان آهي. کاڌي پيتي جون شيون اسمگلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. 15 آڪٽوبر تي بدين ريلي جي سلسلي ۾ اڄ (04 آڪٽوبر) کان عوامي رابطا مهم شروع. عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار بدين جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪندو. سنڌ جي زمينن جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ڊجيٽل آدمشماري سنڌين خلاف سازش آهي. تفصيلن موجب عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ مرڪزي آفيس سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ جي نگران گھرو وزير انڪشاف ڪيو آهي ته اسمگلنگ ۾ ايجنسيون ملوث آهن ۽ سندس چوڻ آهي ته فوج اسمگلنگ ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪاروائي ڪندي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪڻڪ، کنڊ، ڀاڻ سميت مخلتف شيون افغانستان اسمگل ڪري ملڪ ۾ معاشي بحران پيدا ڪيو ويو آهي. اسمگلنگ جي ڪاوربار ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته افغانين ملڪ جي امن تباہ ڪري ڇڏيو آهي. منشيات هٿيارن جي وڪري خود ڪش حملن قبضن سميت غيرقانوني ڪم ۾ افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي ملوث آهن. سنڌ مان سمورن افغانين سميت ٻين ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. ڌارين جي لوڌ آڻي سنڌ جي ڊيموگرافي بگاڙي وئي آهي. غير ملڪي معشيت تي بوجھ آهن. عوامي تحريڪ پاران لکين افغانين سميت ٻين غير ملڪين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ ۽ سنڌ جي زمينن جي نيلامي, ڊجيٽل آدمشماري ,ڌاڙيل راڄ ,سامونڊي پٽي تي قبضو ڪرڻ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف 15 آڪٽوبر تي بدين ۾ هزارين ماڻھن جي ريلي ڪڍي ويندي. ريلي جي تيارين جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار اڄ (04 آڪٽوبر) کان بدين ضلعي جي ڪڙيو گھنور، گولاڙچي، احمد راڄو کورواھ سميت مختلف علائقن جو دورو ڪندو.










