اسلام آباد (بيورو رپورٽ)افغان شهرين کي غير قانوني اي ويزا جاري ڪرڻ ۾ ملوث ايف آءِ اي جي ٻن آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، افغان شهرين کي غير قانوني اي ويزا جاري ڪرڻ ۾ ملوث هجڻ جي ڪري ايف آءِ اي جي ٻن آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي جي ترجمان چيو ته اهي اهلڪار اسلام آباد جي اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل ۾ مقرر هئا.ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، افغان شهرين کي غير قانوني اي ويزا جاري ڪرڻ جي الزام ۾ هاڻي تائين ڇهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.










