افغانين سميت ٻين غير ملڪين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو

حيدرآباد (ن س ) سنڌي هاري تحريڪ طرفان 5 نومبر تي جاگيرداري نظام خلاف ميرپور خاص ۾ ريلي ڪئي ويندي ۽ سنڌي ھاري تحريڪ جي 49هين سالگرهه 8 آڪٽوبر تي سموري سنڌ ۾ ملھائي ويندي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سالگرهه جا پروگرام ڪيا ويندا. اهڙو اعلان سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، مرڪزي سينيئر نائب صدر ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو، مرڪزي اڳواڻ علي نواز ڏاھري ۽ بلاول لاشاري پنھنجي پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آھي ته سڄي دنيا مان مردار جاگيرداري نظام ختم ٿي چڪو آھي پر پاڪستان جو حڪمران ٽولو پنھنجن مفادن خاطر سنڌ ۾ بيمار ۽ ڌپ ڪري ويل جاگيردري نظام کي وينٽيليٽير تي رکي دوا درمل ڪري سنڌي عوام مٿان ٿاڦيو ويٺو آھي ۽ سنڌ جي ھاري کي ايڪھين صدي ۾ غلامي واري حالت ۾ رکيو ويو آھي. سنڌ جي ھاري وٽ اڄ به رھڻ لاءِ پنھنجو گهر ناھي، ٻارن لاء تعليم ۽ صحت جي سھولت ناھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 5 نومبر تي سنڌي ھاري تحريڪ پاران ميرپورخاص ۾ جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف شاندار ريلي ڪڍي ويندي جنھن ۾ ھزارين ھاري شرڪت ڪندا.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ھن وقت جڏھن لاڙ ۾ ساريون لھڻ شروع ٿيون آھن ته سيٺين اگھ ڪيرائڻ ۽ ناجائز ڪٽوٽيون شروع ڪيون آھن. سنڌي ھاري تحريڪ نگران حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري ته سارين جو في مڻ اگھ ساڍا چار ھزار ڪيو وڃي ۽ غيرقانوني ڪٽوتي بند ڪرائي وڃي. سنڌ مان غيرقانوني رھندڙ افغانين سميت سڀني کي پنھنجي ملڪ موڪليو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو