اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خيبر پختونخواهه مان افغان شهرين جي وطن واپسي جو عمل جاري آهي.گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته ڪالهه طورخم سرحد تان 606 غير قانوني مهاجرن کي واپس افغانستان موڪليو ويو.گهرو کاتي موجب، 243 افغان شهري ڪارڊ هولڊرز کي به انهن جي وطن واپس موڪليو ويو.10 افغان شهرين کي انگور اڊا سرحد ذريعي واپس افغانستان موڪليو ويو.سيپٽمبر 2023 کان وٺي 549,932 افغان شهري واپس موڪليا ويا آهن.










