لاهور(ويب ڊيسڪ)افغانستان جي صوبي پکتيڪا ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو ڪمانڊر عمر خالد خراساني مارجي ويو.ذريعن موجب مارجي ويلن ۾ عمر خالد خراساني سان گڏ پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 وڌيڪ ڪمانڊر به مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ حافظ دولت ۽ ڪمانڊر مفتي حسن شامل آهن.ڪالعدم ٽي ٽي پي ذريعن عمر خالد خراساني ۽ ٻن ڪمانڊرن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جا ٽي ڪمانڊر افغانستان جي صوبي پڪيڪا جي علائقي برمل ۾ گاڏي تي سوار ٿي رهيا هئا ته سندن گاڏي بارودي سرنگ سان ٽڪرائجي وئي. ذريعن موجب پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جا ٽي ڪمانڊر افغانستان جي صوبي ڪنڙ ۾ مقرر هئا ۽ ڳالهين لاءِ برمل ويا هئا.










