افغانستان ۾ به حڪومتن جي تبديلي شروع ٿي چڪي: شيخ رشيد

افغانستان ۾ به حڪومتن جي تبديلي شروع ٿي چڪي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ به حڪومتن جي تبديلي شروع ٿي وئي آهي، جنهن جا اثر پاڪستان تي به پوندا. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته چين جي رضامندي کانسواءِ سي پيڪ اٿارٽي ختم ڪرڻ سامراجي ايجنڊا آهي، جنهن لاءِ کيس چين خلاف آندو ويو آهي. هن چيو ته عمران خان 8 تڪن ۾ اهل ۽ فيصل آباد ۾ نااهل آهي، هي ڪهڙو قانون آهي؟ شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته 30 آگسٽ تي غريبن تي 10 رپيا في ليٽر جو ٻيو ڇاپو لڳايو ويندو، مرڪز ۽ صوبي جي پوليس کي آمهون سامهون آندو ويو آهي.هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته غريب مهانگائي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، حڪمرانن ووٽ بئنڪ کي قربان ڪري نوٽ بئنڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.اڳوڻي وفاقي وزير جو اهو به چوڻ هو ته نواز شريف جي واپسي جو معاملو طئي ناهي ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو