اغوا ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي پناهه ڏيڻ  تي موت جي سزا ختم

اغوا ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي پناهه ڏيڻ تي موت جي سزا ختم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ عورت کي اغوا ڪندڙ يا عوامي طور تي ڪپڙن کان آجو ڪندڙن کي پناهه ڏيڻ تي موت جي سزا ختم ڪرڻ لاءِ بل منظور ڪري ورتو آهي. سينيٽ اڪثريت ووٽ سان فوجداري قانونن ۾ ترميم جو بل منظور ڪري ورتو آهي، جنهن تحت عورت کي اغوا ڪندڙ يا عوامي طور تي ننگو ڪندڙ کي پناهه ڏيڻ تي موت جي سزا ختم ڪئي ويندي. سينيٽ پاران منظور ڪيل بل موجب، جوابدار کي ڪنهن عورت تي مجرمانه حملي ڪرڻ يا ان کي عوامي هنڌن تي ڪپڙن کان آجو ڪرڻ جي جي الزام ۾ وارنٽ کان سواءِ گرفتار ڪري سگهجي ٿو. ڏوهه غير ضمانتي ۽ غير مصالت جوڳو هوندو، جڏهن ته مجرم کي عمر قيد، ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي. ان حوالي سان سينيٽر علي ظفر چيو ته عورت جا ڪپڙا لاهڻ تي موت جي سزا برقرار رهڻ گهرجي، جڏهن ته سينيٽر ثمينه ممتاز چيو ته اسان عورتن کي ڪمزور بڻائي رهيا آهيون، ٻاهرين ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ هن سزا کي گهٽايو پيو وڃي. ان موقعي تي قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته، “توهان ڪيئن سوچي سگهو ٿا ته سزا جي شدت ڏوهن کي روڪي ٿي؟ موت جي سزا ڏيڻ سان ڏوهن ۾ گهٽتائي نه ايندي. اسان وٽ 100 ڏوهن لاءِ موت جي سزا آهي، پر ڏوهن جي شرح وڌي رهي آهي. يورپ ۾ موت جي سزا ناهي ۽ اتي ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.” هن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي تڪرارن تي ڪيس ٺاهيا ويندا آهن، جتي عورت جا ڪپڙا لاٿا ويندا آهن ته جيئن ايندڙ شخص کي موت جي سزا ڏني وڃي. شرعي قانون موجب، چئن ڏوهن کان سواءِ ڪنهن به ڏوهه لاءِ موت جي سزا نه ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو