اغوا ڄاڻايل عورت هٿ، مون مرضي سان شادي ڪئي آهي،عليزا

چوهڙ جمالي (ن س) ڪراچي جي ڪورنگي پوليس چوهڙ جمالي ۽ جونگو جلباڻي پوليس کي ساڻ ڪري هڪ مهينو اڳ مبينه اغوا ڄاڻايل عورت عليزه عرف جيا جي ماءۡ جي فرياد تي چوهڙ جمالي لڳ درگاھ شاھ يقيق تان عليزا ۽ سندس مڙس رمضان سولنگي کي گرفتار ڪري چوهڙ جمالي ٿاڻي تي آندو. جتي اغوا ڄاڻايل عورت عليزه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي رمضان سولنگي اغوا ناهي ڪيو آئون پنهنجي رضا خوشي سان ساڻس نڪتي هيس مون درگاھ شاھ يقيق جي رهواسي رمضان پٽ سومار سولنگي سان ٺٽو سيشن ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آھي , آئون پنهنجي مڙس سان رهڻ چاهيان ٿي منهنجي مائٽن پاران اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي عليزه جي مڙس رمضان سولنگي چيو ته اسين هڪٻئي سان ڪافي وقت کان محبت ڪندا هئاسين ۽ مون عليزه جي رضا خوشي سان ساڻس نڪاح ڪيو آھي , جڏھن ته عليزه جي والده ٻڌايو ته اسين درگاھ شاھ يقيق تي ايندا رهندا هئاسين رمضان پٽ سومار سولنگي منهنجي ڌيءۡ کي ورغلائي کيس اغوا ڪيو آھي اسان کي ڌيءۡ واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي , هوڏانهن ڪورنگي پوليس جي سب انسپيڪٽر ميڊيا کي ٻڌايو ته عليزه ۽ سندس مڙس کي سٽي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو پوء عدالت جو جيڪو حڪم ڏنو ان تي عمل ڪبو.

پهنجو تبصرو موڪليو