مغوي اهلڪارن جي بازياني لاءِ آپريشن جاري

مغوي اهلڪارن جي بازياني لاءِ آپريشن جاري

خانپور (ن س)ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي ڌاڙيلن هٿان اغوا ڪيل ايس ايڇ او محبوب بروهي سندس پٽ محمد علي بروهي وڏي منشي نسيم گوپانگ پوليس اهلڪار اياز ڪنڀر ۽ جان محمد بکراڻي واري واقعي جو ڪيس ايس آء اڏيل جعفري جي فرياد تي 14 ناليوار ۽ 26 نامعلوم سميت 40 جوابدارن هرهڪ دودو ،ٻانهو ، عبدالحق ، جبار ، غلام مصطفي ، پوپٽ ، علي مراد ، حضورو ، گامون بڊاڻي جتوئي ، شوڪت اوڳاهي سميت 14 ناليوار ۽ 26 نامعلوم سميت 40 ڏوهارين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پوليس ۽ رينجرز جو اھلڪارن جي بازيابي لاء ڳوٺ عبدالحق بڊاڻي کي ڪڙو ،ڏوھارين ۽ پوليس وڇ ۾ فائرنگ ، پوليس پاران ڏوھاري مھر بڊاڻي ڏيڻ کان انڪار ،ڏوھاري پوليس اھلڪار ڏيڻ کان انڪار ، ڏوھارين جي گھرجي ھو پوليس اھلڪار آزاد ڪن رياست پنھنجو رد عمل ضرور ڏيندي ٻہ ڏينھن گذرڻ باجود ايس ايڇ او سميت 5 اھلڪار پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي تفصيل موجب خانپور تعلقي جي ڪوٽ شاھو ٿاڻي تان ٻہ ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل ايس ايڇ او ڪوٽ شاھو محبوب بروھي سندس جو پٽ محمد علي بروھي ھيڊ محرر نسيم گوپانگ پوليس اھلڪار جان محمد بکراڻي ۽ اياز ڪنڀر کي اغوا ڪرڻ خلاف ڪوٽ شاھو ٿاڻي تي ايس ا۽ اڏيل جعفري جي فرياد تي 14 ناليوار ۽ 26نامعلوم سميت 40 جوابدارن ھرھڪ دودو ،ٻانھو عبدالحق،جبار ،غلام مصطفي ،پوپٽ علي مراد ،حضورو گامون بڊاڻي جتوئي شوڪت اوگاھي سميت 14 ناليوار ۽ 26 نامعلوم سميت 40 ڏوھارين خلاف دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏھن ته علائقي جي بااثر وزير علي جتوئي ،سندس جو پٽ ۽ ڊرائيور کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آھي پر پوليس ڏوھاري مھر بڊاڻي کي آزاد ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب پوليس ۽ رينجرز پاران ڳوٺ عبدالحق بڊاڻي جتوئي کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو آھي ۽ ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جاري رھي ڏوھارين پاران ڏوھاري مھر بڊاڻي کي آزاد ڪرڻ شرط پوليس علمدار ۽ اھلڪارن جي آزاد تي بضد آھن ن مٿي گذري وڃڻ بعد به پوليس ايس ايڇ او سميت 5 اھلڪارن کي بازياب نه ڪرائي سگھي آھي ذريعن موجب پوليس ھٿان گرفتار ٿيل مھر بڊاڻي سان گڏ علائقي جو بااثر وزير علي خان جتوئي سندس جي پٽ ۽ ڊرائيور کي پولس آزاد ڪيو آھي پر ڏوھارين پاران پوليس اھلڪارن کي آزاد ناھي ڪيو ٻي پاسي پوليس ذريعن موجب ته ڏوھاري مھر بڊاڻي کي ڪنھن بہ قيمت تي نه ڇڏيو ويندو ڏوھارين کي گھرجي ته پوليس اھلڪارن کي آزاد ڪن ٻي صورت ۾ رياست پاران سخت رد عمل ايندو ڊي ايس پي خانپور مھدي رضا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس پاران گرفتار ٿيل مان ڪنھن کي به ناھي ڇڏيو باقي اغوا وارو ڪيس ڪوٽ شاھو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي ايس ايڇ او سميت ٻين اھلڪارن کيڏوھارين جي چنبي مان جلد بازياب ڪرايو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو