وارثن جي ڌرڻي بعداغوا ٿيل نوجوان بازياب

ڪنڊيارو(اسد جعفري) اغو ڄاڻايل نوجوان جي وارثن پاران احتجاج رنگ لاتو، پوليس نوجوان کي بازياب ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو ڳوٺ نئون شھمير ديرو جي ڪلهوڙا برادري جي سوين ماڻھن پاران نوجوان  بلاول ڪلهوڙو جي مبينه اغوا خلاف ڪنڊيارو شھر جي اسٽار چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا اغوا ڄاڻايل نوجوان بلاول ڪلهوڙو جي چاچي عالم ڪلهوڙو ،محسن ڪلهوڙو ،سچل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. هنن ٻڌايو ته رات دير سان 10 هٿيار بند سندن گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري12هين ڪلاس جي شاگرد بلاول پٽ نثار ڪلهوڙو کي کنڀي اغوا ڪري ويا هنن الزام هنيو ته رمضان ،جاويد، نديم ۽ عبدالرزاق ڪلهوڙو پوليس وردي۾ گهر ۾ داخل نوجوان اغوا ڪري ويا آھن ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو