اطلاعات کي وقت سر ۽ سڀ کان تيز پهچائڻ کي يقيني بڻايو وڃي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه اڄ آرڪائيوز ڪمپليڪس ڪلفٽن ڪراچي ۾ اطلاعات کاتي جي آفيسرن سان منعقد پنهنجي پهرين گڏجاڻي ۾ آفيسرن کي هدايتون ڏنيون آهن ته هو پنهنجا فرض ايمانداري ۽ محنت سان سرانجام ڏين. هن چيو ته اطلاعات جو وقت تي ۽ سڀ کان تيز پهچائڻ اطلاعات کاتي جي آفيسرن جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي خبر کي تيز رفتار ۽ وقت سر پهچائڻ جي وڏي اهميت آهي. ان ڪري اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ اهڙيون سموريون خبرون جن جي وضاحت يا ترديد جي ضرورت آهي، انهن جي فوري طور تي وضاحت/ ترديد ڪئي وڃي. اطلاعات واري نگران وزير محمد احمد شاهه واضح ڪيو ته هو ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان پرعزم، متحرڪ ۽ فعال آفيسر ڏسڻ چاهي ٿو، جيڪي آفيسر ان معيار تي پورا لهندا اهي ئي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته وزير طور هو ڪنهن به قسم جي سستي، غفلت، غلط ۽ غير قانوني ڪم کي برداشت نه ڪندس. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪن. صوبائي وزير چيو ته اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي جي نگراني مان پاڻ ڪندس. هن چيو ته صحافين، صحافتي تنظيمن، انهن جي ڪارڪنن ۽ پريس ڪلبن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، اطلاعات کاتي کي ان سلسلي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو .هن آفيسرن کي چيو ته هو کين پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪن ته جيئن گڏجي کاتي ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪري سگهجي. گڏجاڻي ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميڊيا معيزالدين پيرزادو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي، ڊائريڪٽر شبيحه صديقي، ڊائريڪٽر ريفرنس اينڊ ريسرچ امتياز جويو، ڊائريڪٽر فلمز رياض ميمڻ، ڊائريڪٽر پريس حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر اختر علي سرهيو، ڊائريڪٽر سوشل ميڊيا فيصل فاروقي، ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ فدا حسين بالادي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو