اوٻاوڙو(غلام علي رند) ڳوٺ عارب رند ۾ آءِ آر سي طرفان ميٽنگ رٿي وئي جنهن جي اڳواڻي ضلع گهوٽڪي جي ڪوآرڊينيٽر انور آزاد مهر پڻ ڪئي. ميٽنگ ۾ ايس آر او نوردين چاچڙ، ايس آر او ميڊم رابيا اشرف ۽ ڳوٺاڻن سيد ڪليم حيدر شيرازي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلع ڪوآرڊينيٽر انور آزاد ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ٻھراڙي واري علائقن جا ٻار اڪثر ڪري غير رجسٽرڊ آھن انهن جا يونين ڪونسل آفيس مان برٿ سرٽيفڪيٽ ٺھرائي رجسٽرڊ ڪرايا وڃن ۽ ان کان علاوه ٻارن ۾ صاف سٿرو ماحول پيدا ڪيو وڃي ته جيئن ٻارن ۾ اهڙي ڪا بيماري پيدا نه ٿي سگهي جو ڪنهن موذي مرض ۾ مبلا نه ٿي سگهن. هن اسڪول جي استاد ڪليم حيدر شاھ کي آگاهه ڪندي چيو ته اسڪول جي شاگردن جي تعليم کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسڪول ۾ آءِ آر سي جي رول مطابق هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.










