ٽنڊوباگو(ن س ) ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ 8 جي ڳوٺ جليل ملاح ۾ گرلس پرائمري اسڪول محمد خان ملاح جي عمارت انتهائي زبون حالي جو شڪار، اسڪول برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ، اسڪول جي ڪمري جي ڇت مان هر روز چاپڙ ڪرندا رهن ٿا. ڪيتريون ئي معصوم نياڻيون زخمي ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته اسڪول ۾ فرنيچر نه هئڻ ڪري شاگردياڻيون پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور آهن. اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ٻن ٽيچرن وٽ ويهڻ لاءِ ڪرسيون به ناهن. ڳوٺاڻن ۽ اسڪولي شاگردياڻين جو اسڪول جي عمارت ٺهرائڻ ۽ فرنيچر لاءِ نيڪ مرد محمد خان ملاح، محمد يوسف ميراڻي جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي محمد خان ملاح ۽ محمد يوسف ميراڻي ٻڌايو ته گرلس اسڪول جي نئين عمارت ٺهرائڻ ۽ اسڪول لاءِ فرنيچر ڏيڻ لاءِ تعليم کاتي جي آفيسرن کي ڪيترا ڀيرا درخواستون ڏنيون آهن پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن چيو ته اسڪول جي عمارت انتهائي زبون حال ٿي وڃڻ ڪري ڪيڏي مهل به ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو، جنهن ڪري ڪو جاني نقصان به ٿي سگهي ٿو پوءِ ان جي سڄي ذميواري تعليم کاتي ۽ ورڪس کاتي تي هوندي. هنن سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ تعليم جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته ڳوٺ جليل ملاح جي گرلس پرائمري اسڪول جي عمارت ٺهرائي شاگردياڻين جي حياتي بچائي وڃي ۽ اسڪول ۾ فوري طور تي فرنيچر ڏنو وڃي.
