اسڪول جي بلڊنگ جا چاپڙ ڪري پيا، 2 شاگردياڻيون زخمي

دادو ( ادل مهيسر) گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جوهي جي 6 ڇهين ڪلاس A جي ڇت جا اوچتو وزني چاپڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻه شاگردياڻيون زخمي، شاگردياڻين ۾ خوف حراس، ڪلاس ۾ ڀاڄ شاگردياڻيون رڙيون ڪوڪون ڪري ڪلاس کان ٻاهر جان بچائي نڪتيون، ڪلاس جون ٻيون شاگردياڻيون معجزانه طور بچي ويون. گرلز هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس ۽ ٻين ٽيچرس شاگردياڻين پاران وزير اعليٰ سنڌ، تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيڪريٽري، پ پ ايم اين اي، پ پ ايم پي اي جوهي، پ پ عورت ايم پي اي ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته 35 سالا پراڻي گرلز هاءِ اسڪول جوهي جي  بلڊنگ ايمر جنسي بنيادن تي رپيئر ۽ سڄي بلڊنگ جي انڪوائري ڪرائي نئين بلڊنگ تعمير ڪرائي ڏني وڃي ته جئين نياڻيون تعليم پرائي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو