اسڪولن ۾ شاگردن جي ويڪسينيشن شروع ٿي وئي

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون )سنڌ سرڪار پاران نائين کان ٻارنهن ڪلاس جي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي حڪم کانپوء گولاڙچي ۾ آل پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن پاران فوڪل پرسن ھيلٿ ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر رمضان آرائين جي نگراني ۾ حرمين پبلڪ ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ويڪسين ڪيمپ قائم ڪئي وئي جتي پرائيويٽ اسڪولن سان تعلق رکندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ ڪرونا ويڪسين لڳائي وئي .فوڪل پرسن ڊاڪٽر رمضان موجب ڪيمپ ڇھن ڏينھن تائين قائم رھندي جنھن ۾ سمورن خانگي اسڪولن جي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو