اسڪولن، اسپتالن کي ڌماڪن سان اُڏايو، ٽي ٽي پي اڳواڻ جي آڊيو ليڪ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي سربراهه نور ولي محسود جي ڳجهي ڪال سامهون اچي وئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪال ۾ نور ولي محسود پاڪستان ۾ دهشتگرداڻي ڪاررواين لاءِ هدايتون ڏئي رهيو آهي. فون ڪال ۾ نور ولي محسود کي چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته ” امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جا 2 طريقا آهن، سرڪاري اسڪول يا اسپتال کي ڌماڪي سان اڏايو وڃي“.پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي سربراهه چيو ته هڪ ٻن اسڪولن يا اسپتالن کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو پر ذميواري قبول نه ڪئي وڃي. نور ولي محسود فون ڪال ۾ چوندو آهي ته ٻيون طريقو اهو آهي پوليس ۽ فوجين جي گهرن کي تباهه ڪيو وڃي، فون ڪال ۾ نور ولي کي چوي ٿو ته ڪنهن کي خبر نه پوي نه اهو سڀ ڪجهه مون چيو، جيڪڏهن ڪو پڇا ڪري به ته پنهنجي ذميواري کڻي وٺجو ڪنهن به طريقي سان مونکي انهي ڪارروائي جو حصو نه بڻائجو. ڳجهي ڪال ۾ احمد حسين عرف غٽ حاجي ثاقب گنڊاپور کي هدايت ڏيندي چئي رهيو آهي ته اها ڳالهه ٻولهه اسان وچ ۾ رهندي، ڪنهن کي انهي جي خبر نه پوي. احمد حسين چوندو آهي ته پوليس، فوج، ايف سي جي اهڙن ماڻهن جي گهرن کي ڌماڪي سان اڏائڻو آهي جيڪي وڏن عهدن تي هجن، غير اعلانيل طور تي اسڪولن کي يا ته بند ڪري ڇڏيو يا وري ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو