اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالهين لاءِ قائم ڪيل ڪميٽين کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ حڪومت پاران ڳالهين واري ڪميٽين کي ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اڃا تائين باضابطه طور تي ڳالهين واري ڪميٽين کي ڊي نوٽيفائي نه ڪيو آهي.قومي اسيمبلي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسپيڪر ڳالهين واري ڪميٽي کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.










