ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اسپيشل ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس ڪالهه اڱاري 6 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو.ذريعن موجب نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ نيشنل ايڪشن پلان، ڪچا آپريشن، غير قانوني مهاجرن، هنڊي ۽ ٻين معاملن تي فيصلا متوقع آهن.اجلاس ۾ وفاقي، صوبائي ۽ فوجي قيادت سميت ادارن جا سربراهه شرڪت ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تحت سنڌ ۾ سي ٽي ڊي فورس کي جديد خطوط تي آڻڻ ۽ مدرسن جي ريگولرائزيشن ۽ رجسٽريشن جو جائزو ورتو ويندو.ذريعن موجب اجلاس ۾ غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڊالر اسمگلنگ ۽ غير قانوني ڪرنسي جي واپار خلاف ڪريڪ ڊائون بابت به بريفنگ ڏني ويندي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو، سنڌ ۾ توانائي، معدنيات ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي قدمن، گرين انيشي ايٽو تحت سنڌ ۾ زمين جي دستيابي ۽ زرعي شعبي ۾ التوا واري قانوني مسئلن تي غور ڪيو ويندو. معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويندو.
