اسپتال ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ خلاف شهرين جو احتجاج

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) سول اسپتال نوشهروفيروز کي سهولتون ۽ ضلعي جو درجو ڏيڻ لاءِ هلندڙ احتجاج کي 12 مهينا 7 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن. سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي پاران اسپتال ۾ سڌارو نه آڻڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي يونس راڄپر، خالد چانڊيو، مھر وسطڙو، مظفر عباسي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ٻڌايو ته هلندڙ احتجاج کي 367 ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن پر اسپتال کي سڌارڻ بجاءِ تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي. اسپتال جو آپريشن ٿيٽر مڪمل طور تي ستن سالن کان بند آهي ليبارٽري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري نه ٿيڻ ڪري اسپتال ضلعي جي 16 لک آبادي لاءِ بي لاڀ ۽ هيلٿ کاتي جي آفيسرن لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻيل آهي. اسپتال ۾ ڊاڪٽر ناهن ۽ ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ اسپتال کي ريفر سينٽر بڻايو ويو آهي معمولي زخمي به نوابشاهه يا پرائيويٽ ڊاڪٽرن جي سينٽرن ڏانهن موڪليا وڃن ٿا. اسپتال مان 60 ڊاڪٽر بدلي ڪرائي ويا ۽ ڪجهه ڊاڪٽر رٽائرڊ ٿي ويا آهن ۽ ضلعي جي اسپتال ۾ هن وقت به هڏن، دماغ، نڪ، ڪن ۽ گلي سميت مختلف شعبن جا اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ۽ سرجن ناهن جنهن ڪري مريضن کي پريشانين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. هنن چيو ته اسپتال کي ضلع جو درجو ڏئي سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو