اسپتال ۾ زخمين تي حملي ۽ عملي کي ڪُٽڪي خلاف احتجاج

مورو (مورائي اياز سولنگي) ٻئي ڏينھن به پوليس ۽ لنڊ برادري جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف سرهيه برادري جي ماڻهن شهرين ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف مورو جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران حملو ڪندڙ لنڊ ۽ ميمڻ برادري خلاف الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا، ويا. جڏهن ته پيرا ميڊيڪل اسٽاف مورو پاران او پي ڊي جو پڻ بائيڪاٽ ڪيو جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر محمد يوسف نول، ڊاڪٽر اسد الله ڪلھوڙو, ڊاڪٽر معشوق چانڊيو, اختيار علي ڏهر ۽ ٻين ڪئي جڏهن ته سرهيه برادري جي مجاهد سرهيو،پرويز علي سرهيو, دلدار سرهيو, خالد سرهيو، عطا سرهيو، جنسار ڪلهوڙو  ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جتي هنن چيو آهي ته سرهيه برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان تڪرار ٿيو هو جنهن تي لنڊ برادري سرهيه برادري جي هڪ ڌر جي ونگار وهندي حملو ڪري ڇهن ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي ۽ بعد ۾ ٻيهر تعلقه اسپتال مورو تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ ٻيهر حملو ڪيو .

هنن چيو ته  لنڊ برادري جي ماڻهن تشدد ڪيو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا پيراميڊيڪل جي اسٽاف چيو آهي ته لنڊ برادري جا ماڻهو ۽ سندن ساٿين تعلقه اسپتال مورو جي ايمرجنسي وارڊ تي ڀڃ ڊاھ ڪئي آهي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي ڪم ڪرڻ ۾ رخنو وڌو ۽ کين يرغمال بڻايو ويو. جنهن جي پڻ اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ڊاڪٽرن مطالبو ڪيو ته تعلقه اسپتال تي حملو ڪندڙ ۽ ڀڃ ڊاھ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.  هنن مطالبو ڪيو ته فور طورتي ايس ايڇ او مورو کي هٽايو وڃي جيڪو جوابدارن جي ڌر بڻيل آھي.

ڪيو . هنن چيو ته  لنڊ برادري جي ماڻهن تشدد ڪيو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا پيراميڊيڪل جي اسٽاف چيو آهي ته لنڊ برادري جا ماڻهو ۽ سندن ساٿين تعلقه اسپتال مورو جي ايمرجنسي وارڊ تي ڀڃ ڊاھ ڪئي آهي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي ڪم ڪرڻ ۾ رخنو وڌو ۽ کين يرغمال بڻايو ويو. جنهن جي پڻ اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ڊاڪٽرن مطالبو ڪيو ته تعلقه اسپتال تي حملو ڪندڙ ۽ ڀڃ ڊاھ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.  هنن مطالبو ڪيو ته فور طورتي ايس ايڇ او مورو کي هٽايو وڃي جيڪو جوابدارن جي ڌر بڻيل آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو