ڪراچي (ڪامرس رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ اڪسچينج گذريل 7 مهينن جي هيٺين ترين سطح تي پهچي ويو ۽ گذريل هفتي جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 2159 پوائنٽ جي گهٽتائي بعد بند ٿيو. سيرپڪارن جا اربين روپيا ٻڏي ويا آهن ۽ خاص ڪري ننڍا سيڙپڪار بيحد پريشان آهن. پرڏيهي سيڙپ ڪارن به شيئر وڪرو ڪرڻ شروع ڪيا آهن ڪروڙين دالر ڪڍي ويا آهن. مارڪيٽ ۾ شديد ٻاڙائي سبب هفتي م ٽيون ڀيرو مني ڪلاڪ تائين مارڪيٽ بند رکيو ويو.










