اسيمبليون ٽوڙڻ ڪا راند ناهي جڏهن چاهي ٽوڙجي: حمزا شهباز

اسيمبليون ٽوڙڻ ڪا راند ناهي جڏهن چاهي ٽوڙجي: حمزا شهباز

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز جو چوڻ آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ ڪا راند ناهي جنهن کي چاهي جڏهن چاهي ٽوڙي سگهن.لاهور ۾ بيان ڏيندي حمزا شهباز چيو ته اليڪشن لاءِ تيار آهيون پر ڪنهن هڪ جي انا کي پورو ڪرڻ جو رستو روڪيو ويندو.هن چيو ته عمران خان پاڪستان کي سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام جو شڪار بڻائڻ جي مشن تي آهي.مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته ادارن ۽ سربراهن تي الزام سندن نااهلي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.حمزه شهباز وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) عوام جي طاقت تي ڀروسو ڪندڙ پارٽي آهي، عمران خان جي هر حرڪت جو سياسي، آئيني ۽ قانوني طور جواب ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو