اسلام آباد ۾ ڦورن جي فائرنگ پوليس اهلڪار پٽ سميت قتل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هيڊ ڪانسٽيبل ۽ سندس پٽ مارجي ويو،اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب هيڊ ڪانسٽيبل پنهنجي پٽ سان گڏ وڃي رهيو هو ته هن ڌاڙيلن کي واردات ڪندي ڏٺو، جنهن بعد هن ڌاڙيلن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي.ترجمان موجب ساڳئي وقت جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل ۽ سندس پٽ مارجي ويا.جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو