اسلام آباد ۾ سخت ڪوهيڙي سبب 30 اڏامون رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ ڪوهيڙي سبب 30 اڏامون منسوخ ۽ 100 ۾ دير ٿي.ڪوهيڙي سبب اسلام آباد ويندڙ 9 ملڪي ۽ پرڏيهي اڏامون لاهور، پشاور، ملتان ۽ ڪراچي ۾ بند ڪيون ويون.رپورٽن مطابق جده کان اسلام آباد ويندڙ انٽرنيشنل اڏام پي ڪي 842 کي ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو ويو.اهڙي طرح دبئي کان اسلام آباد ويندڙ اڏام پي ڪي 234 به منسوخ ڪئي وئي.رپورٽن مطابق سخت ڪوهيڙي سبب اسلام آباد کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ قومي اڏامون به منسوخ ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو