اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن،شيخ رشيد

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پوليس مٿان حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو آهي ته ڪجهه وقت کان اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن. شهر ۾ پوليس مٿان حملن تي ڳڻتي آهي. شيخ رشيد چيو ته گذريل رات به هڪ هيڊ ڪانسٽيبل ۽ ڪانسٽيبل شهيد ٿيا آهن. اسان جي حڪومتي دور ۾ پوليس کاتي ۾ شهيدن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.گهرو وزير چيو ته اسلام آباد کي سيف سٽي ٺاهڻ جي لاءِ 150 موٽر سائيڪلون ايگل اسڪواڊ هن ئي هفتي ٺاهيون وينديون. هن ٻڌايو ته اڄ مان 2 ڏينهن  جي دوري تي اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان بارڊر مينجمينٽ ڏسڻ وڃي رهيو آهيان. افغانستان جي طرف اوپن بارڊز تي فنيسنگ لڳائي رهيا آهيون جيڪو ڪم ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو. جڏهن ته سال جي آخر تائين افغانستان ۽ ايران بارڊر تي فينسنگ مڪمل ٿي ويندي.شيخ رشيد چيو ته عمران خان حڪومت جي  خواهش آهي ته سمورن بارڊرز تي هڪ اهڙو سسٽم آندو وڃي جنهن ۾ داخلا جي لاءِ اليڪٽرونڪ انٽري ۽ ايگزٽ هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو