اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ ڇنڇر جي رات هلڪي برسات پئي، جنهن سبب موسم ٿڌو ٿي ويو.ڇنڇر تي ڪاغان وادي جي جبلن ۽ ناران ۾ برفباري ٿي، ان کان علاوه بابوسرتپ، بٽڪنڊي، ڍنڍ سيف الملوڪ ۾ به برفباري ٿي.وادي نيلم سميت آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ برسات شروع ٿي وئي، جڏهن ته جبلن تي برفباري ٿي، جنهن سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو.چلاس ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ٿيل قراقرم هاءِ وي تتا پاڻي وٽ ننڍي گاڏين لاءِ عارضي طور کوليو ويو.










