ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا،جاني نقصان ناهي ٿيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.ڪوهاٽ، سرگوڌا، ايبٽ آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. خوشاب ۽ چارسده ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.ان کان علاوه آزاد ڪشمير جي ڊي آءِ خان، بنون، هنگو، ديامر، پارا چنار، منڊي بهاءُ الدين، ڀکر، نوشهره، مظفر آباد، نيلم وادي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 6 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو مرڪز افغانستان جو هندو ڪش جبل هو، زلزلو 213 ڪلوميٽر جي گهرائي ۾ آيو.زلزلي سبب وڏي انگ ۾ ماڻهو گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا، پر اڃا تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو