اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد، پشاور ۽ لاهور سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.پاڪستان جي وچ ۽ اترين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، اسلام آباد، لاهور، ملتان ۽ سرگوڌا سميت وڏن شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ان کان علاوه چکوال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن پشاور، سوات، اتر وزيرستان، هنگو، مردان، مالاڪنڊ، بونير، شانگلا ۽ دير ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ان کان علاوه مانسهره، بٽگرام، تورغر ۽ ڪوهستان ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.4 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز افغانستان جو جبل هندوڪش هو، جنهن جي زير زمين گهرائي 215 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي کانپوءِ مختلف شهرن ۾ ماڻهو آفيسن ۽ گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمه طيبه جو ورد ڪرڻ لڳا.










