اسلام آباد پوليس مقابلي ۾ 3 جوابدار مارجي ويا، ساٿي زخمي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سيڪريٽريٽ پوليس اسٽيشن جي حد ڪشمير چوڪ وٽ پوليس مقابلي ۾ 3 جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته سندن عورت ساٿي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.پوليس ذريعن موجب 4 ڪار چورن جو گروهه مري کان اسلام آباد ۾ داخل ٿي رهيو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن پوليس کي ڏسندي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 3 جوابدار موقعي تي ئي مارجي ويا.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار جي عورت ساٿي کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.جوابدارن وٽان لاهور مان چوري ٿيل گاڏي، هٿيار ۽ ڪيتريون نمبر پليٽون هٿ ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو