اسلام آباد جي نئين ڊپٽي ڪمشنر چارج سنڀالي ورتي

اسلام آباد جي نئين ڊپٽي ڪمشنر چارج سنڀالي ورتي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي راڄڌاني جي نئين ڊپٽي ڪمشنر طور عرفان نواز ميمڻ سومر تي چارج سنڀالي ورتي آهي. حڪومت جي تبديلي سان گڏ ڊي سي اسلام آباد طور 2018 کان ڪم ڪندڙ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس يعني پاس جي گريڊ 19 هين جي آفيسر حمزا شفقات کي بدلي ڪيو ويو. سندس جان نشين طور عرفان نواز ميمڻ کي بلوچستان مان واپس گهرائي نئون ڊي سي اسلام آباد مقرر ڪيو ويو. عرفان نواز ميمڻ به حمزا شفقات جو بيچ ميٽ ۽ ساڳئي گروپ جي گريڊ 19 هين جو آفيسر آهي. عرفان نواز ميمڻ نسٽ مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ بيڇل ڊگري وڄڻ بعد ڪوئين ميري يونيورسٽي آف لنڊن مان ايل ايل ايم جي ڊگري ورتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو