اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي مقامي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف فوجداري ريفرنس عدالت ڏانهن موڪلي ڇڏيو.اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشه خانه ريفرنس ۾ عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت عمران خان کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو پر هو پيش نه ٿيو.عدالت عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي تاريخ 7 فيبروري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي 20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت عمران خان جي وڪيل علي بخاري ايڊووڪيٽ کان پڇاڻو ڪيو ته عمران خان وٽ پاور آف اٽارني ڪٿي آهي؟ ان تي علي بخاري چيو ته 5 منٽ ۾ بئريسٽر گوهر عدالت پهچي رهيو آهي. علي بخاري عدالت کي ٻڌايو ته گذريل ٻڌڻي تي اسان عمران خان جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو هو، جنهن تي عدالت اڄ پاور آف اٽارني جمع ڪرائڻ جو چيو. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته شارٽ بانڊز اچڻ تائين پاور آف اٽارني نٿا ڏئي سگهون.ان دوران عدالتي ڪمري ۾ عمران خان ۽ اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.










