اسلام آباد، جي بي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات، برفباري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد، لاهور، پشاور، گلگت بلستان ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گذريل رات کان برسات ۽ برفباري پئجي رهي آهي.اسلام آباد، لاهور، پاڪ پتن ۽ وهاڙي سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ دير سان سان برسات شروع ٿي جڏهن ته ملتان جي ڏوراهين علائقن ۽ خانپور ۾ ڳڙو پوڻ سبب بجلي جي فراهمي متاثر ٿي وئي.پشاور، ايبٽ آباد، خيبر، دير بالا، مردان، بنون، وانا ۽ ڊيره اسماعيل خان سميت خيبرپختونخواهه ۾ به برسات ۽ ڳڙ پيو جنهن سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي.هوڏانهن پشاور جي ورسڪ روڊ تي تيز برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.موسميات کاتي موجب آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ به برسات رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته بابو سرٽاپ، نانگا پربت، فيري، ميڊوز ۽ بنو گاهه ٽاپ سميت ٻين علائقن ۾ برسات پئي. اپر ڪوهستان ۾ رات دير سان برساتن سبب داسو جي ڀرسان دو گاهه جي هنڌ تي لينڊ سلائيڊنگ سبب شاهراهه قراقرم بند ٿي وئي.موسميات کاتي شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندي ديامر ۽ ڪوهستان جي جابلو علائقن، شاهراهه قراقرم تي لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.موسميات کاتي موجب اڄ به خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، ڪشمير، وچ اوڀر پنجاب، اسلام آباد ۽ اتر بلوچستان ۾ وڌيڪ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو