اسرائيل فلسطينين کي بدترين نسل ڪشي جو نشانو بڻائي پيو: صدر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسرائيل فلسطينين کي بدترين نسل ڪشي جو نشانو بڻائي رهيو آهي.هن چيو ته عالمي برادري فلسطينين خلاف رياستي دهشتگردي تي اسرائيل خلاف قدم کڻڻ ۾ ناڪام وئي آهي.صدر جو چوڻ آهي ته فلسطين جي عوام کي سندن حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي، اسرائيلي بمباري ۾ عورتون، ٻار ۽ طبي عملو به شهيد ٿي ويو آهي.ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي عالمي ڌيان جو انتظار آهي.هن جو اهو به چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، عالمي برادري ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن تي ڀارت جو احتساب ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو