مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسد محمود ڪابينا ڊويزن کان مليل بم پروف گاڏي واپس ڪري ڇڏي آهي.ترجمان موجب مولانا اسد محمود بچت مهم تحت مجاز 1800 سي سي ڪار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پنهنجي ذاتي ڪار استعمال ڪندو. ان حوالي سان مولانا اسد محمود جو چوڻ آهي ته بچت مهم تحت وزارت جي خرچن ۾ به گهٽتائي ڪئي ويندي.










