اسد قيصر ۽ علي محمد خان جي فضل الرحمان سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي علي محمد خان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي.ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ملاقات اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو