اسحاق ڊار نائب وزيراعظم مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي وزيراعظم شهباز شريف نائب وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو آهي.شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ۾ موجود آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ان سان گڏ آهي.دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو. ڪابينه ڊويزن اسحاق ڊار جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو فوري طور تي لاڳو هوندو.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بنايو ويو آهي. اسحاق ڊار پاڪستان جو چوٿون نائب وزيراعظم آهي، ان کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو، نصرت ڀٽو ۽ پرويز الاهي به وزيراعظم رهي چڪا آهن. ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اسان جي دور ۾ به پرويز الاهي نائب وزيراعظم رهيو آهي، اسان حڪومت کي سٺا مشورا ڏينداسين. اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بنائڻ جي حوالي سان پيپلز پارٽي سان مشاورت ڪئي وئي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو