اسحاق ڊار پاران پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ نئين قيمت 262 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.هن چيو ته 16 مئي تي ڊيزل جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي هئي ۽ هن ڀيري به 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 253 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت برقرار رهندي.پيٽروليم شين جي قيمتن جو اطلاق رات 12 وڳي کان ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو