اسحاق ڊار پاران وياج خلاف فيصلي تي اپيلون واپس وٺڻ جو اعلان

اسحاق ڊار پاران وياج خلاف فيصلي تي اپيلون واپس وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار وياج خلاف فيصلي تي اپيلون واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ اسلامي بينڪنگ سسٽم کي فروغ ڏنو پيو وڃي، وفاقي شرعي عدالت ۾ اپيل واپس وٺنداسين. اسحاق ڊار چيو ته وفاقي شرعي عدالت سود خلاف فيصلو ڏنو آهي، پاڪستان ۾ سود کان پاڪ نظام کي تيزي سان اڳتي وڌائينداسين.ناڻي واري وزير چيو ته وفاقي شرعي عدالت فيصلو ڏنو آهي ته ٿم ايشٽ کي سود کان پاڪ ڪيو وڃي، گذريل هفتي ان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، روڊ ميپ تي گورنر اسٽيٽ بئنڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اسلامي بينڪنگ سسٽم کي فروغ ڏنو پيو وڃي، فيصلا ڪرڻ جو معيار قرآن ۽ سنت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو