اسحاق ڊار سينيٽ جي پهرين اجلاس جو پرزائيڊنگ آفيسر مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۽ نون چونڊيل سينيٽرن جي حلف برداري لاءِ اسحاق ڊار کي پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.سينيٽ جي پهرين اجلاس ۾ نون چونڊيل سينيٽرن جي حلف برداري ۽ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿيندي، جنهن لاءِ صدر آصف زرداري اسحاق ڊار کي صدارت مقرر ڪرڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي. صدر زرداري وزير اعظم شهباز شريف جي صلاح تي اسحاق ڊارڪوپي کي پرڏيهي وزير مقرر ڪرڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي.ان حوالي سان سينيٽ سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته پارلياماني روايت موجب رڳو موجوده سينيٽر ئي پهرين اجلاس جو پرزائيڊنگ آفيسر ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو