استعيفيٰ نامنظور، عمر ايوب کي ذميواريون جاري رکڻ جي هدايت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جو بطور پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل طور استعيفيٰ نامنظور ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ باني عمران خان عمر ايوب کي بطور سيڪريٽري جنرل ذميواريون جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر عمران خان جي هدايت کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پي ٽي آءِ پارليماني پارٽي ۽ ڪور ڪميٽي عمر ايوب تي ڀروسي جو اظهار ڪيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عمر ايوب تي پي ٽي آءِ باني عمران خان اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ انهي کي عهدي تي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي عمر ايوب جي استعيفيٰ رد ڪندي پي ٽي آءِ باني عمران خان کان فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو