استاد جي گهر ۾ چوري الهه تلهه لٽجي ويو، انصاف جي اپيل

مورو (ن سنڌيار)ڪورائي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ حاجي محمد ابراهيم سولنگي لڳ دادواھ مان نامعلوم چور استاد ممتاز علي سولنگي جي گھر کي کاٽ ھڻي الماڙين جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ سون چوري ڪري فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع ڪورائي ٿاڻي کي ڏنو ويو جيڪا واقعي واري ھنڌ پھچي متاثر گھر ڀاتي کان تفصيل ورتا آھن. ان موقعي تي متاثر استاد ممتاز علي سولنگي ٻڌايو ته نامعلوم چور رات دير سان گھر جي ڇت کي کاٽ ھڻي سرون پٽي الماڙين جا تالا ٽوڙي المارين مان پنجاهه ھزار روڪ رقم، 4 تولا سونا زيور ء ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن مان ھڪ استاد آھيان پگھار مان مس زندگي جو گاڏو ھلايان ٿو مٿان نامعلوم چور سڀ ڪجھ چوري ڪري ويا آھن اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي ھن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ٿا ڪريون ته ٿيل چوري واپس ڪرائي ملوثن کي قانون جي ڪٽھڙي م آڻي انصاف فراھم ڪيو وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو