اسان کي سڀ کان وڏو خدشو بيٽ جو نشان واپس وٺڻ جو آهي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته اسان کي سڀ کان وڏو خدشو بيٽ جو نشان واپس وٺڻ جو آهي.اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر مطالبو ڪيو ته اسان کي چونڊ مهم لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن فوري طور تي چونڊ شيڊيول جاري ڪري، اليڪشن ڪميشن کان چونڊ ڪنوينشن جي اجازت گهري آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊ ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جو عمل آخري مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته چونڊن ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل ڪنهن به جماعت سان اتحاد نه ٿيندو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به سياسي جماعت جو چونڊ نشان ختم نٿي ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو