اسان کي بيٽ جو چونڊ نشان ملڻ گهرجي: پي ٽي آءِ چيئرمين

پشاور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته اسان کي بيٽ جو چونڊ نشان ڏيڻ گهرجي،پشاور ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بيٽ جو چونڊ نشان پي ٽي آءِ جي مقبوليت جو حصو آهي.سندس چوڻ آهي ته خان صاحب جي پارٽي ڪا عام پارٽي ناهي، آئين موجب شفاف انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون ويون آهن.بئريسٽر گوهر گوهر چيو آهي ته عدليه آزاد آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي.سندس چوڻ آهي ته اسان کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي پورو ڀروسو آهي، اسان عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته عدليه کان آر اوز کي هٽايو وڃي.پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جو جواب نه آيو آهي، عدالت جواب جي ڪاپي طلب ڪري ورتي آهي، اسان کي عدليه مان اميد آهي.هنن چيو ته 6 مهينن کان بٽ جي چونڊ نشان لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن بيٽ جو نشان نه مليو ته هارس ٽريڊنگ شروع ٿي ويندي.بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته 174 سياسي پارٽين مان سڀ کان وڌيڪ شفاف انٽرا پارٽي اليڪشن پي ٽي آءِ ڪرايا، پي ٽي آءِ ڪڏهن به ڪنهن فورم تي عدليه خلاف نه ڳالهايو.هن چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو ڪردار انتهائي منصفاڻو رهيو آهي، عدليه مشڪل حالتن ۾ آئين ۽ قانون سان گڏ بيٺي آهي، پشاور ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چونڊون عدليه جي نگراني ۾ ڪرائڻ لاءِ درخواستون ڏنيون ويون آهن.بئريسٽر گوهر علي خان وڌيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته انتظاميا ۽ ڊپٽي ڪمشنر غير جانبدار ناهن، سپريم ڪورٽ جو هر فيصلو منظور هوندو آهي، اسان جا ڪارڪن ۽ حامي انتهائي سرگرم آهن، چونڊن جو انتظار آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين اهو به چيو ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ذميواري ياد ڏياري وئي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ جلد چونڊن لاءِ ڪاغذ جمع ڪرائيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو