حيدرآباد(ن س )قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي برابري وارو جمھوري نظام گھرجي۔ آئين ۽ قانون جي بالادستي گھرجي، ڪرپٽ ماڻھن ۽ شخصيتن کي بي تاج بادشاھ ۽ طاقتور بنائڻ بدران نظام کي مضبوط بنايو وڃي۔ جنھن ۾ انصاف ھجي۔ جنھن ۾ ھاري ۽ مزدور خوشحال ھجي. سنڌ کي پنھنجي وسيلن تي مالڪي جو حق ھجي. تعليم، صحت ۽ روزگار ھجي،پاڪستان انصاف، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني کانسواء اڳتي نٿو وڌي سگھي ۽ ترقي نٿو ڪري سگھي۔ جمھوريت جي نالي ۾ اڻبرابري نہ ھلندي. جمھوريت جو مطلب برابري آھي. اقرباپروري، ڪرپشن ۽ آمريتون تباھي ۽ بربادي جو رستو آھن۔ دنيا جي سڌريل ملڪن آئين، انصاف، ميريٽ ۽ شفافيت جي رستي تي ھلي ترقي ڪئي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پ.پ.پ پنهنجي حڪومتي دور ۾ سنڌي عوام کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪا بہ قصر نہ ڇڏي آهي۔ وزيرن، مشيرن رڳو ڪرپشن ڪري پنھنجا گھر ڀريا آهن. ۽ سنڌ جي عوام کي سکڻا آسرا ڏئي رلايو آهي۔ سنڌ حڪومت عوام جي خوشحالي لاءِ ڪي بہ اپاءَ نہ ورتا آهن، موجود پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي. شھباز شريف پنهنجي حڪومت دور ۾ عوام کي مھانگائي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو. اياز لطيف پليجي چيو تہ اٽو، چانور، دال ۽ کاڌي پيتي جون شيون ايتريون سستيون ڪيون وڃن جو مزدور، ھاري ۽ غريب ماڻھو آساني سان خريد ڪري سگھي۔ اسان جو ملڪ زرعي ھجڻ باوجود الميو آھي جو غربت ۽ مھانگائي جي ڪري لکين ماڻھو 2 وقت ماني لاء پريشان آھن۔ ھر سال ڪڻڪ جو بمپر فصل لھي ٿو، چانور ۽ ٻين فصلن جي اسان جي ضرورت کان وڌيڪ پيداوار ٿئي ٿي پوء بہ انھن جا اگھ آسمان تي آھن۔ کاڌي پيتي جو سامان رڳو اميرن جي پھچ وارو نہ ڪيو وڃي، اھو سبسڊي ڏئي ايترو سستو ڪيو وڃي جو ڪنھن ماء جي ٻچن کي بکيو نہ سمھڻو پوي۔ ڪو ٻہ وقت ماني لاء ڪنھن جي اڳيان ھٿ نہ ڦھلائي۔










