اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسان کان زبردستي استعيفيٰ گهري پئي وڃي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ علي امين گنڊاپور جي هڪ مهيني لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، ڪنهن به ڪيس ۾ کيس گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم، علي امين گنڊاپور چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جڏهن ٻڌائيندو، تڏهن سول نافرماني تحريڪ شروع ٿي ويندي، مان خيبرپختون خوا جو نمائندو آهيان، مون کي ڪنهن کان ڪليئرنس وٺڻ جي ضرورت نه آهي، گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي، مون کي چيو ويو ته اوهان کي ملاقات جي اجازت نه آهي، پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنداپور چيو ته سول نافرماني تحريڪ لاءِ پي ٽي آءِ باني جي اعلان جو انتظار آهي.










