اسان چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهيون: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چونڊن جي لاءِ هر وقت تيار آهيون پر اسان کي چونڊن جو ماحول ڏنو وڃي. لاهور ۾ ته سڀ ڪجهه صحيح آهي پر اسان جي طرف امن امان جي صورتحال خراب آهي. اهڙي بدامني جي صورتحال ۾ چونڊون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون.صحافين سان ڳالهيون ڪندي جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته باجوڙ سانحي کان پوءِ اسان جا 5 ڪارڪن شهيد ٿي چڪا آهن. 2 صوبن ۾ رڪارڊ بدامني آهي. ڊي آءِ خان، ٽانڪ ۽ لکي مروت ۾ پوليس نه آهي. ڊيره اسماعيل خان ۽ ٽانڪ سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ رات جو پوليس جي بجاءِ روڊن تي هٿياربند ماڻهو هوندا آهن. ڇا اهڙي ماحول ۾ چونڊ مهم هلائي سگهجي ٿي. ڇا اهڙين حالتن ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون.مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان مسلم ليگ(ن) سان ملي تحريڪ هلائي آهي. انهن سان آئنده به تعلق برقرار رکڻ چاهيون ٿا. اسان چونڊن ۾ (ن) ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪنداسين. انهن سان چونڊ اتحاد ٿي ويو آهي جيڪو چونڊن کان پوءِ به جاري رهندو. مسلم ليگ(ن) سان چونڊن جي حوالي سان ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن. ٻنهي پارٽين ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. اسان هاڻ بنيادي اتحادي بڻجي چڪا آهيون. پيپلز پارٽي سان چونڊن جي معاملي تي ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي.هن چيو ته ڪنهن ٻئي پارٽي جي اندروني معاملن تي نه ڳالهائيندس. پر تحريڪ انصاف سياسي پارٽي نه آهي. پي ٽي آءِ پارٽي نه پر هڪ ڦوڪڻو هو جنهن ۾ هوا ڀري وئي هئي، جنهن مان هاڻ هوا نڪري وئي آهي. پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته اها سياسي پارٽي نه آهي. جيڪي وفاداريون تبديل ڪري رهيا آهن انهن کي زبردستي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪيو ويو هو. هاڻ اهڙن چهرن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي جنهن ماڻهن کي زبردستي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو