ملڪ جي انصاف واري نظام ۾ انصاف ئي داءُ تي لڳل آهي: شاهه

ملڪ جي انصاف واري نظام ۾ انصاف ئي داءُ تي لڳل آهي: شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه جو ملڪي سياسي صورتحال تي دلچسپ تبصرو ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ جي انصاف واري نظام ۾ انصاف ئي داءُ تي لڳل آهي، انهن کي ڪڏهن به انصاف نه مليو جيڪو انصاف لاءِ ڀڄندو رهي، انصاف صرف انهن کي ڏنو ويو جن ظلم جون حدون پار ڪيون،شهيد ڀٽو کي جيڪو انصاف مليو اهو اڄ به شرمسار آهي عمران نيازي کي جيڪو انصاف مليو اهو انصاف تحريڪ انصاف جو آهي هن ملڪ ۾ وقت اچي ويو آهي ته رياست ئي انصاف جي منتظر آهي، ڪالهه جن قانون ٽوڙيو اهي رمانڊ تي آهن، جنهن قانون ٽوڙيو سو گهر هليو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو