اسان جو ڪم انصاف ڪرڻ نه پر قانون مطابق انصاف ڪرڻ آهي،کوسه

لاهور (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته اسان جو ڪم صرف انصاف ڪرڻ نه پر قانون مطابق انصاف ڏيڻ آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ پوليس ريفارمز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن بروقت ڪيس داخل نه ڪرڻ تي تشويش جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته بروقت ڪيس داخل ڪرائڻ واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي. چيف جسٽس عدالتن اندر ڪيسن جي درخواستن جي وڌندڙ تعداد تي به تشويش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته داخل ڪيل ڪيسن جون درخواستون وڌڻ سان عدالتن تي وڏو وزن پئجي ويو آهي جڏهن به ڪو مسئلو عوامي توجهه حاصل ڪري ويندو آهي ته پوءِ سوموٽو نوٽيس جي توقع ڪئي ويندي آهي جيڪڏهن ادارو پهرين ئي متحرڪ هجي ته پوءِ نوٽيس وٺڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اعليٰ حڪام جي هر هر پيشي منهنجي سامهون مناسب ناهي پوليس يا ڪنهن به شخصيت جي پيشي تي ان جو احترام ڪرڻ گهرجي چيف جسٽس بڻجڻ تي پهرين ترجيح عدالتن ۾ پيش ٿيندڙن جي وقار کي برقرار رکڻو آهي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ پهرين ڏينهن ئي مداخلت ڪندي آهي ته معاملو حل ٿي ويندو آهي جيڪڏهن حڪام پنهنجو ڪم ٺيڪ ڪن ته عدالتن کي مداخلت جي ضرورت ئي ناهي ۽ سپريم ڪورٽ انصاف ڏيارڻ لاءِ آخري عدالت آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بطور چيف جسٽس پوليس، آءِ ٽي ۽ عدليه ۾ اصلاحات ڪيون، انصاف جي فوري فراهمي لاءِ ماڊل ڪورٽون بڻايون، ماڊل ڪورٽ منشيات متعلق 24 هزار ڪيس حل ڪيا جڏهن ته مجسٽريٽ عدالتن 27 هزار 469 ڪيس حل ڪيا، 189 ڏينهن اندر 18 ضلعن ۾ قتل جا سڀئي ڪيس حل ڪيا ويا ۽ 25 ضلعن ۾ منشيات جو ڪو به ڪيس ٻڌڻي هيٺ ناهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته ڪوڙي گواهي ڏيندڙن لاءِ سخت قدم کنيا آهن ڪوڙي گواهي تي تفتيشي آفيسر کي به ملزم ڄاڻايو ويندو ڇاڪاڻ ته اهو ممڪن ناهي ته تفتيشي آفيسر کي سچ جي خبر ئي نه هجي اسان جو ڪم انصاف ڪرڻ نه پر قانون مطابق انصاف ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان جي عدليه ۾ هڪ خاموش انقلاب آيو آهي اڄ کان ڪجهه سال پهرين ججن فيصلو ڪيو هو ته ڪو به التوا نه ٿيندو 3 بينچون اهڙيون آهن جتي التوا جون درخواستون ناهن ورتيون وينديون. 2009 کان پهرين جي عدليه جو اسان سان ڀيٽ نه ڪيو ڇاڪاڻ ته 2009 اهڙو سال هيو جنهن کان پوءِ هاڻي عدليه مختلف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو