’اسان جهڙيون شفاف چونڊون ڪنهن به پارٽيءَ ۾ نه ٿيون آهن‘

’اسان جهڙيون شفاف چونڊون ڪنهن به پارٽيءَ ۾ نه ٿيون آهن‘

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اسان جي پارٽي جيتري شفاف اليڪشن ڪنهن به پارٽي ۾ ناهي ٿي.اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي ڪيس اڄ اليڪشن ڪميشن آڏو فڪس ھيو،هن چيو ته 3 مارچ تي ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان نوٽيس مليو آهي. اسان 2 ڊسمبر تي چونڊون ڪرايون، اليڪشن ڪميشن 22 ڊسمبر تي اليڪشن ختم ڪري ڇڏي،بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته حڪم کي مد نظر رکيو، اسان سان زيادتي ٿي ، بيٽ جو نشان کسيو ويو، پارٽي اڳواڻ کي جيل ۾ رکيو ويو، اڄ جي ٻڌڻي ۾ بابت ڪو به نوٽيس نھ آيو،چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن عملي کان پڇيو ته هو ڇا چوڻ چاهين ٿا، عملي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ڪجهه مشاهدا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو